ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي زراعت بابت صلاحڪار منظور وساڻ عمران خان کي مشورو ڏيندي چيو آھي ته خان صاحب اوهان جي جيل ڀريو تحريڪ ڪامياب نه ٿيندي، هاڻي ڦاسي تحريڪ شروع ڪريو جيل ڀريوتحريڪ اصل ۾ عمران، گوگي، بوزدار بچايو تحريڪ آهي. ھن پنھنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته جيل ڀرڻ واري تحريڪ کان اڳ عمران خان ۽ شيخ رشيد چيو هو ته سڀ کان پهرين ھو پاڻ گرفتاري ڏيندا, گذريل ڏينهن شيخ رشيد سسرال وڃڻ بدران پنهنجي گاڏي ۾ ويٺو ۽ سنھي گھٽي مان ڀڄي گهر روانو ٿي ويو. منظوروساڻ چيو ته عمران خان گرفتاري ڏيڻ بدران عدالتن مان ضمانتون وٺي پنهنجي ٽنگ تي جعلي پلستر لڳائي لڪي ويٺو آھي, عمران خان جن مقصدن لاءِ جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي اهي مقصد سندس ڪامياب نه ٿيندا, عمران خان جي جيل ڀريو تحريڪ فلاپ تحريڪ بڻجي وئي، چند ڪارڪنن کانسواءِ ڪنھن به گرفتاري نه ڏني.منظور وساڻ چيو ته جن اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي اهي هاڻي ضمانت لاءِ درخواست ڏيڻ وارا آهن, خان صاحب جيل ڀريو تحريڪ ۾ اوهان جا پٽ قاسم ۽ سليمان، بشرا بي بي، فرح گوگي ۽ عليمه باجي ڪٿي به نظر نه پيا اچن؟










