خان جي گرفتاري: زمان پارڪ ميدان جنگ، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ

خان جي گرفتاري: زمان پارڪ ميدان جنگ، پوليس ۽ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد پوليس جي وڏي نفري لاهور پوليس جي وڏي نفري سان گڏ زمان پارڪ ۾ موجود آهي جتي کين پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.عمران خان جي رهائشگاهه ڏانهن پوليس جي اڳڀرائي تي کيس پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي سخت مزاحمت کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.جنهن جي جواب ۾ پوليس لاٺي چارج ڪيو ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ سان گڏ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو، پي ٽي آءِ ڪارڪنن به پوليس تي پٿراءُ ڪيو. پوليس جي هٿياربند گاڏي به زمان پارڪ ۾ موجود آهي، ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري به عمران خان جي گرفتاري لاءِ زمان پارڪ ۾ موجود آهي ۽ اسلام آباد پوليس جي قيادت ڪري رهيو آهي.هڪ پوليس اهلڪار هٿ ۾ نوٽس جي ڪاپي سان گڏ پلي ڪارڊ پڻ رکيل آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي سمورن ٿاڻن ۾ اهلڪارن کي گڏ ڪيو ويو آهي، اينٽي رائيٽس يونٽ کي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جا شيل پڻ فراهم ڪيا ويا آهن، هڪ هزار کان وڌيڪ اهلڪارن کي الرٽ رهڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.ڊي آءِ جي آپريشنز اسلام آباد شهزاد بخاري چيو ته وٽس عمران خان جا گرفتاري وارنٽ آهن، جنهن لاءِ هو زمان پارڪ آيو آهي. هڪ صحافي سوال ڪيو ته عمران خان کي گرفتار ڪري ڪٿي وٺي ويندا؟ ان تي هن چيو ته پهرين ٿيڻ ڏيو پوءِ ٻڌائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو