خان جي ٽنهي ڀينرن سميت 400 خلاف ڪيس داخل، 14 گرفتار

خان جي ٽنهي ڀينرن سميت 400 خلاف ڪيس داخل، 14 گرفتار

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پي ٽي آءِ جي باني عمران خان جون ڀينرون عليمه خان، عظميٰ خان ۽ نورين خان نيازي سميت پي ٽي آءِ جي 400 ڪارڪنن خلاف اربع ڏينهن راولپنڊي جي اڊيالا جيل ويجهو لڳايل ڌرڻو پوليس طرفان منتشر ڪرڻ کانپوءِ ڪيس داخل ڪيو ويو، جتي پارٽي جو باني ۽ اڳوڻو وزيراعظم هن وقت قيد آهي.
ان کانسواءِ، پي ٽي آءِ جا 14 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ اڄ دهشتگردي روڪ عدالت (اي ٽي سي) آڏو پيش ڪيا ويا، جن جو ٽن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪيو يو آهي.
عمران جون ڀينرون، پارٽي ڪارڪنن ۽ حامين هڪ ڏينهن اڳ فيڪٽري ناڪي وٽ ڌرڻو هنيو هو، جنهن ۾ هنن عدالت جي حڪم موجب اڱاري ڏينهن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات جو مطالبو ڪيو هو. پوليس مظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ پاڻي جون توپون ۽ لٺبازي ڪئي، جڏهن ته آپريشن صبح ٻه وڳي شروع ڪيو ويو.
فرسٽ انفارميشن رپورٽ (ايف آءِ آر) جي ڪاپي مطابق جيڪا 17 ڊسمبر جي تاريخ واري آهي 35 نامزد ماڻهن سميت 400 شڪي ماڻهن خلاف دهشتگردي ايڪٽ 1997 ۽ پاڪستان پينل ڪوڊ (پي پي سي) جي مختلف دفعات هيٺ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ پيٽرول بم استعمال ڪرڻ ۽ فوجداري ضابطه ڪارروائي (سي آر پي سي) جي دفعه 144 جي ڀڃڪڙي به شامل آهي، جيڪا عوامي گڏجاڻين تي پابندي لڳائي ٿي.
نامزد شڪي ماڻهن ۾ عمران جون ڀينرون، پي ٽي آءِ جو سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا، پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليا حمزه ۽ پي ٽي آءِ جو وڪيل نعيم پنجوٿا سميت ٻيا شامل آهن.
عمران خان، جيڪو آگسٽ 2023 کان قيد آهي، 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ اڊيالا جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي، جڏهن ته 9 مئي 2023 جي احتجاجن بابت دهشتگردي ايڪٽ تحت هلندڙ ڪيسن کي به منهن ڏئي رهيو آهي.
پي ٽي آءِ باقاعدي طور عمران خان ۽ سندس زال جي صحت بابت خدشا ظاهر ڪندي رهي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو