اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.نظرثاني درخواست چيف ڪمشنر اسلام آباد پاران ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جي ذريعي داخل ڪئي وئي.درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ 18 آگسٽ تي عبوري حڪم جاري ڪندي باني پي ٽي آءِ عمران خان کي شفا اسپتال منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.وفاقي حڪومت درخواست ۾ چيو آهي ته عدالت جو اهو حڪم اختيارِ سماعت کان تجاوز آهي، تنهن ڪري فيصلي تي نظرثاني ڪئي وڃي.واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سندس طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي هئي.عدالت عمران خان کي سخت سيڪيورٽي ۾ اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ اسپتال ٻاهران امن امان جي صورتحال متاثر نه ٿيڻ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون هيون.هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو هو ته پارٽي عدالتي فيصلي جو احترام ڪندي ۽ عمران خان جي سياست بابت ڪنهن به قسم جي سياست نه ڪئي ويندي.ٻئي طرف وفاقي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ اڳ ئي اشارو ڏنو هو ته وفاقي حڪومت عمران خان کي خانگي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت عدالتي فيصلي خلاف نظرثاني درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري سگهي ٿي.وفاقي حڪومت جو موقف آهي ته عمران خان جو طبي معائنو سرڪاري اسپتال ۾ ڪرائڻ تي غور ڪيو وڃي، جنهن لاءِ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.










