اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ باني سان منسوب مضمون جي سلسلي ۾ برطانوي اشاعتي اداري ”دي اڪنامسٽ“ جي ايڊيٽر کي خط لکندي.راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ قيد تحريڪ انصاف باني عمران خان برطانوي رسالي ”دي اڪنامسٽ“ ۾ مضمون لکيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهو الزام ورجايو آهي ته اسٽيبلشمينٽ ئي آمريڪا جي دٻاءَ ۾ سندس حڪومت ڪيرائي. ان حوالي سان ايڪس تي پوسٽ ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته اسان دي اڪنامسٽ جي ايڊيٽر کي هڪ مضمون بابت لکي رهيا آهيون، جيڪو مبينا طور تي عمران خان لکيو هو. هن چيو ته اهو حيران ۽ پريشان ڪندڙ آهي ته اهڙي قسم جي هڪ معزز ميڊيا آئوٽ ليٽ هڪ اهڙي فرد جي نالي سان مضمون شايع ڪيو، جيڪو جيل ۾ آهي ۽ ان کي سزا ٻڌائي وئي آهي، اسان سمجهون ٿا ته اخلاقي معيارن کي برقرار رکڻ ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ انتهائي ضروري آهي. سندس موجب اسان ڄاڻڻ چاهيون ٿا ته ادارتي فيصلو ڪيئن ڪيو ويو ۽ دي اڪنامسٽ طرفان مواد جي قانوني حيثيت ۽ اعتبار جي حوالي سان ڪهڙين ڳالهين کي نظر ۾ رکيو ويو، اسان کي اهو ڄاڻڻ ۾ دلچپسي هوندي ته ڇا دي اڪنامسٽ ڪڏهن دنيا جي ڪنهن ٻئي حصي مان جيل ۾ قيس سياستدانن جا اهڙا گهوسٽ مضمون شايع ڪيا آهن، جيڪڏهن جيل ۾ قيد ڏوهي ميڊيا کي لکڻ ۾ آزاد هجن ها ته اهي پنهنجي هڪ طرفي شڪايت کي نشر ڪرڻ لاءِ سدائين موقعي جو استعمال ڪن ها.










