خانگي تعليمي ادارا ٻارن کي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ يقيني بڻائين، وزير

خانگي تعليمي ادارا ٻارن کي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ يقيني بڻائين، وزير

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه خانگي تعليمي ادارن تي زور ڏنو آهي ته اهي ٻارن کي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي معاملي تي سنجيده ۽ ذميواراڻو رويو اختيار ڪن، ڇو ته پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ٻارن جو بنيادي حق آهي. هن سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 42 لک ٻارن کي تعليم فراهم ڪرڻ ۾ خانگي تعليمي ادارن جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته خانگي شعبو تعليمي ذميوارين جي ادائيگيءَ ۾ اهم سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو عزت ۽ احترام جا حقدار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچيءَ ۾ استادن جي عالمي ڏينهن جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام آل سنڌ پرائيويٽ اسڪولز اينڊ ڪاليجز ايسوسيئيشن، ڊائريڪٽوريٽ آف انسپيڪشن اينڊ پرائيويٽ انسٽيٽيوشنز سنڌ جي سهڪار سان ڪيو هو، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان خانگي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي استادن، شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت تعليم جي شعبي سان لاڳاپيل شخصيتن شرڪت ڪئي. صوبائي وزير استادن جي پيشوراڻين خدمتن ۽ محنت کي خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته تعليم جي واڌاري ۾ استادن جو ڪردار بنيادي اهميت رکي ٿو. هن چيو ته خانگي تعليمي ادارا سنڌ ۾ لکين ٻارن کي تعليم فراهم ڪري رهيا آهن، جنهن سان وڏي انگ ۾ ٻارن کي اسڪولن کان ٻاهر رهڻ کان بچائڻ ۾ مدد ملي آهي. حڪومت خانگي اسڪولن کي درپيش چئلينجن ۽ مسئلن کان آگاهه آهي ۽ انهن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. سيد سردار علي شاهه خانگي اسڪولن جي رجسٽريشن جي مدي ۾ واڌ واري مطالبي کي مڃيندي اعلان ڪيو ته خانگي تعليمي ادارن جي رجسٽريشن جو مدو ٽن سالن مان وڌائي پنج سال ڪيو ويندو. مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جي اهميت تي زور ڏيندي سنڌ جي تعليم واري وزير چيو ته خانگي اسڪول ان حوالي سان پنهنجي ذميواري سنجيدگيءَ سان پوري ڪن. ٻارن کي سندن مادري ٻوليءَ ۾ تعليم فراهم ڪرڻ نه رڳو هڪ اهم تعليمي ضرورت آهي، پر سندن بنيادي حق پڻ آهي. هن چيو ته نفسيات جا ماهر ان ڳالهه تي متفق آهن ته تعليم ۾ مادري ٻوليءَ کي شامل ڪرڻ سان ٻارن جي تخليقي صلاحيتن ۽ سکڻ جي استعداد کي بهتر نموني هٿي ملي ٿي. سيد سردار علي شاهه ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته مادري ٻوليءَ کي نظرانداز ڪرڻ وارو رويو ڪٿي اسان کي اهڙي صورتحال ڏانهن نه وٺي وڃي، جو اسان جي نئين نسل کي نه غالب جي خبر هجي ۽ نه ئي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ۽ فڪر سان سندن وابستگي برقرار رهي سگهي. هن چيو ته ٻارن جي لساني، ثقافتي ۽ تعليمي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارن کي پنهنجو اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ملڪ ۾ تعليم جي مجموعي صورتحال تي ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته وفاقي حڪومت پاران تعليمي ايمرجنسيءَ جي اعلان باوجود عملي ڪوششون نظر نه اچي رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ اعلان ڪرڻ کان سواءِ اها ايمرجنسي خاطرخواهه عملي قدمن جي صورت ۾ سامهون نه اچي سگهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪو هڪ سنگين قومي مسئلو آهي. تعليم جي هن وڏي چئلينج باوجود وفاقي سطح تي اثرائتين ڪوششن جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته تعليم جي هن گڏيل قومي مسئلي جي حل لاءِ سنجيدگيءَ سان سوچيو وڃي ۽ سمورا لاڳاپيل ڌريون پنهنجون ذميواريون ادا ڪن. تقريب ۾ خطاب ڪندڙن خانگي اسڪولن جي تعليمي چلينجز بابت پنھنجا خيال ونڊيا جڏھن ته تقريب جي آخر ۾ استادن جي تعليمي خدمتن ۽ پيشوراڻي محنت کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو ۽ کين يادگار شيلڊون ڏنيون ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو