خانپور ۾ ڪارنهن سميت مختلف واقعن ۾ 4 فوت 7 زخمي

خانپور ۾ ڪارنهن سميت مختلف واقعن ۾ 4 فوت 7 زخمي

خانپور(زبيرگل)  شڪارپور جي تعلقي خانپور ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽي قتل، روڊ حادثي ۽ پراڻين دشمنين تان ٿيل جهيڙن جي مختلف وارداتن ۾ 4 فوت ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا. خانپور ويجھو جھان واھ ٿاڻي جي حد ۾ ڪارنھن الزام ھيٺ ٻٽو قتل، ڳوٺ امام بخش لھڙي ۾ جوابدار يحيٰ بروھي، 18 ورھين جي ناري صفيہ زال اسداللہ بروھي ء 22 ورھين جي نوجوان طارق پٽ بھارالدين بروھي کي ڪارنھن الزام ۾ بندوق جا فائر ھڻي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو ،لاش بنا غسل ڪفن ۽ بنا پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جي دفن ڪرڻ جي ڪوشش، جنھن بعد اطلاع تي جھان واھ پوليس مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء کڻن پھتي تہ جوابدار ڌر لاش پوليس حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، چڱن مڙسن معرفت ٻن ڪلاڪن کانپوءِ لاش پوليس حوالي ڪيا ويا، پوليس سندن لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانپوء وارثن حوالي ڪري ڇڏيا. رابطو ڪرڻ تي جھان واھ پوليس ٻڌايو تہ ڪيس داخل ٿيڻ بعد گرفتاري ڪئي ويندي.*** ڳوٺ محمد حسن بروھي ۾ پراڻي تڪرار تان لڪي ويٺل ھٿياربندن رستي تان گذرندڙ بروھي برادري جي نظر محمد پٽ خير محمد بروھي ء اللہ بخش پٽ محمد بخش بروھي زخمي ٿي پيا جن کي اطلاع تي وارثن کڻائي خانپور اسپتال آندو جتي ابتدائي امداد ڏيڻ بعد نظر محمد بروھي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آھي.

ھوڏانھن رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او خانپور مظھر علي ڪنگو ٻڌايو تہ ڌرين م پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي رستي ويندي لڪل ھٿياربندن ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا. آھن، ٻئي طرف خبر لکجڻ تائين واقعي جو ڪيس وغيرہ داخل نہ ٿي سگھيو آھي.*** ساڳئي ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ زرخيل ۾ ڪلر برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان جيهڙو گوليون لڳڻ سبب ڳوٺ جي چڱي مڙس رئيس محمد رمضان جي پٽ دين محمد ڪلر کي ڳوٺ زرخيل جي هوٽل تي هٿيار بندن گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته قتل ٿي ويل جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم لاء خانپور اسپتال آندو جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن جي حوالي ڪيو ويو.*** خانپور ويجھو انڊس ھاءِ وي تي ڳاڙھو مقام اسٽاپ وٽ تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي م موٽرسائيڪل سوار ڳوٺ مھراڻ خان بجاراڻي جا رھواسي هڪ عورت مسمات (ث) زال رفيق احمد لاشاري ,طفيل احمد  لاشاري ۽ اسماعيل ملڪ زخمي ٿي پيا ,زخمين کي موقعي تي بيٺل ماڻھن ۽ فيضو پوليس کڻائي  خانپور اسپتال آندو، جتي زخمين کي ابتدائي  طبي امداد ڏيڻ بعد سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو آھي،  ھوڏانھن فيضو پوليس ٽرالر کي تحويل م وٺي ٽرالر ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آھي. *** روهڙي ڪئنال مان صبح جو نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو. لاش کي مقامي ماڻهن خيرپورجي سول اسپتال ۾ پهچايو  جتي. لاش جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي لاش خيرپور جي لقمان واسي 25 سالا سيد سميع رضا ولد سيد عاصم رضا طور ٿي. قانوني ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو