شهدادڪوٽ: (ن س ) بلوچستان جي ضلعي جهل مگسي ۾ فائرنگ سبب مارجي ويل هاري امداد جويو جو قتل ڪيس قومي اسيمبلي ميمبر خالد مگسي ۽ سندس ڀاءُ ايم پي اي طارق مگسي جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ليويز ذريعن موجب هاري امداد جويو جو قتل ڪيس مقتول جي ڌيءَ ارباب جويو جي مدعيت ۾ ليويز ٿاڻي جهل مگسي ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي ميمبر خالد مگسي، سندس ڀاءُ صوبائي اسيمبلي ميمبر نوابزاده طارق مگسي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.هاري امداد جويو جي قتل ڪيس ۾ 5 ٻين ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته امداد جويو 3 ڏينهن اڳ جهل مگسي ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ قتل ٿي ويو هو. هوڏانهن ايم اين اي خالد مگسي داخل ٿيل ڪيس کي سياسي انتقام قرار ڏئي ڇڏيو آهي.










