ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل خادم حسين رند ۽ سپرنٽينڊنٽ پوليس (ايس پي) ڊاڪٽر رضوان جي بدلي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت ڊي آءِ جي خادم حسين ۽ ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي بدلي خلاف درخواست تي فيصلو ٻڌايو. فيصلي ۾ عدالت چيو ته سنڌ حڪومت انسپيڪٽر جنرل جي مشاورت بغير پوليس آفيسرن جي بدلي نه ٿي ڪري سگهي. ان حوالي سان داخل درخواست ۾ چيو ويو هو ته گذريل ٻڌڻي ۾ عدالت ڊي آءِ جي خادم حسين رند ۽ ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي بدلين جو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو. درخواست ۾ چيو ويو ته هلندڙ ڏينهن ۾ 80 پوليس آفيسرن جون بدليون ڪيون ويون سنڌ حڪومت پنهنجي قانون جي به خلاف ورزي ڪئي آهي. ان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڊي آءِ جي خادم حسين رند جي بدلي به آءِ جي کي ٻڌائڻ بغير ڪئي وئي جڏهن ته ڊي آءِ جي جي بدلي لاءِ آءِ جي سان مشاورت لازمي آهي. ياد رهي ته گذريل سال ڊسمبر ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي آءِ جي خادم حسين رند ۽ ايس پي ڊاڪٽر رضوان جي بدلي متعلق ترتيبوار 15 آڪٽومبر ۽ 6 ڊسمبر تي جاري ٿيل نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو. واضح رهي ته سنڌ صوبي ۾ آءِ جي ڪليم امام جي بدلي جو معاملو به جهيڙي جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ان حوالي سان گذريل ڏينهن هن چيو هو ته ان خلاف هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي. 2 ڏينهن اڳ ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان وزيراعليٰ سنڌ جي آءِ جي ڪليم امام جي تبديلي واري درخواست تي مثبت اشارو به ڏنو هو. ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم نه صرف وزيراعليٰ جي پوليس ڪمانڊ ۾ تبديلي بابت ڳالهه ٻڌي پر ڪافي حد تائين اتفاق به ڪيو هو ۽ سنڌ جي گورنر به مراد علي شاهه جي ڳالهه جي حمايت ڪئي. جڏهن ته نئين آءِ جي لاءِ صوبائي حڪومت پاران غلام قادر ٿيٻو، مشتاق احمد مهر ۽ ڊاڪٽر ڪامران فضل جا نالا تجويز ڪيا ويا آهن. گذريل ڏينهن معاون خاص فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪابينا جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ پهرين نمبر تي آءِ جي جي مقرري جو معاملو هيو جڏهن اهي نالا ڪابينا اڳيان رکيا ويا ته اڪثر ميمبرن خصوصن اتحادي ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن شديد تحفظات جو اظهار ڪيو.










