اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اقتدار سنڀاليو ته سڀ کان وڏو مسئلو مالي خساري جو هو، هاڻي ملڪي معيشت بهتر ٿي وئي آهي، اسلام آباد ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ بابت تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت هيل تائين مجموعي طور 6 هزار ارب ڊالرز قرض ادا ڪري چڪي آهي، اسان ملڪي تاريخ ۾ رڪارڊ قرض ادا ڪيو آهي، ڪورونا جي چئلينج کي به منهن ڏنو، معجزو آهي ته ڏکيائين ۽ چئلينجز باوجود ملڪي معيشت بهتر ٿي وئي.










