حڪومت 50 هزار رپيا ڪمائڻ وارن تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏي: عمران خان

حڪومت 50 هزار رپيا ڪمائڻ وارن تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت پنجاهه هزار ماهوار ڪمائيندڙن تي به ٽيڪس لڳائي ڇڏيو.آن لائن نيوز ڪانفرنس دوران عمران خان چيو ته حڪومت عوام تي وڌيڪ بار وجهي ڇڏيو آهي، هاڻي شيون وڌيڪ مهانگيون ٿينديون.هن چيو ته سپر ٽيڪس جي ڪري ڪارپوريٽ ٽيڪس 39 سيڪڙو تي ويندو.عمران خان خطي جي ٻين ملڪن سان ڀيٽ ڪندي چيو ته ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ ڪارپوريٽ ٽيڪس 25 سيڪڙو آهي.هن چيو ته ڪيتريون ئي انڊسٽريز ماڻهن کي ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، سپر ٽيڪس کانپوءِ اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ناڪاري اثر آيو آهي، بجيٽ ۾ حڪومت عوام جو معاشي قتل ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته نيب ترميمن ذريعي پاڪستان کي ناڪام رياست بڻايو پيو وڃي، نيب ترميم سان ملڪ جو مستقبل خطري ۾ آهي، انهن ترميمن سان ڪوڙو ۽ بي وقوف چور پڪريو ويندو، وڏو ۽ هوشيار چور بچي ويندو.هن تنقيد ڪندي چيو ته معيشت ٺيڪ ڪرڻ جي هنن جي ڪا تياري نه هئي، سندن ذهن ۾ هو ته ڪيئن اين آر او وٺڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو