حڪومت 4 مهينن ۾ 410 ارب روپيا قرض ورتو،اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال جي ابتدائي 4 مهينن ۾ موجوده حڪومت 410 ارب روپين جو قرض ورتو آهي. جيڪو گذريل مالي سال جي ابتدائي چئن مهينن ۾ ورتل قرض کان گهٽ آهي. اسٽيٽ بئنڪ جر جاري ڪيل رپورٽ موجب پهرين جولاءِ کان 31 آڪٽوبر تائين گذريل سال حڪومت 627 ارب روپيا قرض ورتو هو. حڪومت ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ تجارتي خسارو گهٽ ڪرڻ جي دعويٰ ته ڪري رهي آهي پر سراسري طور ڏسجي ته هن وقت به حڪومت نظام هلائڻ لاءِ 102 ارب 50 ڪروڙ روپيا هر مهني قرض کنيو آهي. رپورٽ موجب آڪٽوبر جي آخر تائين مجموعي قرض 321 کرب 97 ارب روپيا آهي. جيڪو جون ۾ 317 کرب 87 ارب روپيا هو. رپورٽ موجب پرڏيهي قرضن ۾ گهٽتائي آئي آهي هلندڙ سال جون ۾  پرڏيهي قرض 110 کرب 55 ارب روپيا هو جيڪو آڪٽوبر جي آخر ۾ گهٽ ٿي 106 کرب 59 ارب ٿي ويو آهي. حڪومت اسٽيٽ بئنڪ کان ته قرض گهٽ ٿي وٺي پر شيڊولڊ بئنڪن کان وٺي پئي ۽ بانڊز ان کانسواءِ آهن. 10بانڊز ۾ 10 کرب 84 ارب روپين جو اصافو ٿيو آهي ۽ مجموعي طور ان جو تعداد آڪٽوبر جي آخر تائين 122 کرب 67 ارب ٿي ويو آهي، بانڊز جو قرض جون ۾ 111 کرب 83 ارب روپيا هو.

پهنجو تبصرو موڪليو