حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ٻيهر ڳالهيون، صدر سان ڊار جي ملاقات

حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ۾ ٻيهر ڳالهيون، صدر سان ڊار جي ملاقات

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ملاقات ڪئي جنهن دوران ناڻي واري وزير وزيراعظم شهباز شريف جو پيغام صدر عارف علوي تائين پهچايو.ايوان صدر اسلام آباد ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ صدر عارف علوي وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات 20 منٽن تائين جاري رهي.ذريعن موجب ٻنهي اهم شخصيتن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ پي ٽي آءِ جي جلد چونڊن جي مطالبي ۽ حڪومتي اتحادين جي نڪتن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ملاقات ۾ صدر عارف علوي وقت کان اڳ چونڊن جي حوالي سان عمران خان جو موقف سامهون رکيو، ان موقعي تي پاڪستان متحده موومينٽ(پي ڊي ايم) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ امڪاني ڳالهين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.واضح رهي ته صدر عارف علوي ۽ اسحاق ڊار جون 2 ملاقاتون اڳ به ٿي چڪيون آهن. ذريعن موجب صدر عارف علوي سان اڄ سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي به ملاقات ڪندو جنهن ۾ پارلياماني معاملا ۽ قومي معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو