حڪومت ۽ اپوزيشن اقتدار جي چڪر ۾ انتشار پيدا ڪري پئي

حڪومت ۽ اپوزيشن اقتدار جي چڪر ۾ انتشار پيدا ڪري پئي

حيدرآباد (پ_ر) حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف جي پارٽين پنھنجن ذاتي، خانداني ۽ گروھي مفادن ۽ ھر حال ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ جي هوس ۾ ملڪ ۾ سياسي انتشار پيدا ڪري بي يقيني واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آھي. اهڙو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ ڪيو آهي. اڳواڻن چيو آهي ته حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف جي پارٽين جي غير سنجيده سياسي روين، نااھلي ڪرپشن ۽ ناڪام پاليسين جي ڪري ملڪ جو معاشي ۽ اقتصادي طور تي ڏيوالو ڪڍي ملڪ کي ڦُري لُٽي ڪنگال ڪري ڇڏيو آھي. پي ڊي ايم ۽ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا ۾ ملڪي ۽ عوامي مفاد شامل ئي ناھن. بک، بيروزگاري، ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي، لاقانونيت، بدامني ۽ دھشتگردي جھڙن عوام جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران ھڪٻئي خلاف مختلف محاذ کڙا ڪيا ويا آھن. عوام کي بک بيروزگاري ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي اوڙاھ ۾ اڇلائي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي. حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف جي سياسي ويڙھ ۾ ملڪي ادارن کي ملوث ڪري انھن ۾ عدم استحڪام پيدا ڪيو ويو آھي. جنھن ڪري عوام جو ويساھ سياسي پارٽين سميت ملڪ جي اھم ادارن تان ختم ٿيندو پيو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته ملڪي ادارن طرفان ملڪ جي تاريخي جاين ۽ ماڳن تي قبضا ڪرڻ، ننڍن صوبن جي لکين ايڪڙ زمينن، ٻيٽن، قدرتي ۽ معدني وسيلن تي ناجائز قبضا ڪرڻ وارو عمل بند ڪيو وڃي. ملڪ جو عوام اھا ڳالھ بخوبي سمجھي چڪو آھي ته ملڪ ۾ ھلندڙ ھاڻوڪي ويڙهه ۾ عوام کي ڪجھ به حاصل ڪونه ٿيندو. ان ڪري عوام کي گھرجي ته حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف جي ڪوڙن عوام مخالف سياست جو حصو ٿيڻ بدران چونڊيل نمائندن ۽ حڪمرانن کان پُڇن ته ھُنن پنھنجي اقتداري دور ۾ عوام جا ڪھڙا بنيادي مسئلا حل ڪيا آھن. بيروزگاري، بک ۽ ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جو ڪھڙو حل پيش ڪيو اٿن ۽ عوام کي ڪيترو رليف ڏنو اٿن. ملڪ ۾ وڌندڙ بدامني دھشتگردي لاقانونيت انتھا پسندي، ڌاڙيل جي خاتمي ۽ ڪرپشن جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڪھڙا عملي قدم کنيا ويا آھن. صحت، تعليم، پيئڻ جي صاف پاڻي، روڊن ۽ رستن، گئس ۽ بجلي جھڙن بنيادي عوامي مسئلا حل ڇو نه ڪيا ويا آھن. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته ملڪ جي وجود جي ضامن 1940ع جي قرارداد تي عمل ڪندي ملڪ ۾ شامل قومن کي پنهنجا بنيادي حق ڏنا وڃن. هن ملڪ کي برابري جي بنياد تي هلايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو