حڪومت ڊيزل ۽ پيٽرول جو قيمتون وڌائي رمضان گفٽ ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عمران خان جي حڪومت رات جي پيٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪندي عوام کي رمضان گفٽ ڏئي ڇڏيو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪاميٽي گذريل ڏينهن اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏني پر وڌايل اگهن جو نوٽيفڪيشن ڳجهو رکيو آهي. اوگرا جي ويب سائٽ تي گاسليٽ جي اگهن جي واڌ جو نوٽيفڪيشن رکيو آهي پر پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن بابت نوٽيفڪيشن عوام کان لڪائي ڪنفيوزن پيدا ڪيو پيو وڃي. پيٽروليم جي وزارت جي نمائندي جو چوڻ آهي ته واسطيدار تيل ڪمپنين کي نوٽيفڪيشن ملي ويو آهي. اهڙي صورتحال سبب هر اخبار ۽ ميڊيا ۾ جاري ڪيل وڌيل قيمتن جا انگ اکرهڪٻئي کان مختلف آهن. ڪو ٿو چوي ته پيٽرول 9.53 روپيا، ڪو 9.42 روپيا ۽ ڪو 9.34 روپيا في لٽر پيٽرول جي قيمت پيو ٻڌائي. پيٽرول جي في لٽر نئين قيمت 108.42 روپين کان 108.31 روپيا مقرر ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4.89 روپيا في لٽر واڌ بعد نئين قيمت 122.32روپيا مقرر ڪئي وئي آهي. گاسليٽ جي قيمت ۾ 7.46 روپيا واڌ بعد نئين قيمت 96.77 روپيا ڪئي وئي آهي.لائٽ ڊيزل جي قيمت م 6 روپيا واڌ ڪئي وئي آهي. پيٽروليم جي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت سيلز ٽيڪس گهٽ وڌ ڪئي آهي جنهن ڪري ڪيلڪوليشن ۾ ديرٿي آهي ۽ اڄ آچر تي موڪل به آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو