اسلام آباد (بيورو)اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ملڪ جون حالتون سريلنڪا جهڙيون ٿيڻ وڃن پيون، نومبر تائين چونڊون ٿيڻ گهرجن، موجوده حڪومت کي 3 مهينا ٿي ويا آهن، نواز شريف ڇو نٿو اچي؟ پنهنجي بيان ۾ شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ پرويز الاهي کي پنجاب جو وڏو وزير نامزد ڪيو آهي، جيڪڏهن سڀاڻي نه ته ٻئي ڏينهن حلف کڻندو. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته چوڌري شجاعت وٽ وڃڻو آهي ته وڃان ٿو، چوڌري شجاعت حسين پرويز الاهي سان گڏ بيٺو. چوڌري شجاعت سان آصف زرداري جي ملاقات جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته آصف زرداري خريد و فروخت جي بازار هلائي ٿو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان ڪير به روڪي نٿو سگهي، اڄ سپريم ڪورٽ ۾ اوورسيز پاڪستانين جي ووٽ جي حق لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين جو ملڪ تي ايترو ئي حق آهي جيترو ڪنهن جو، اسان به چاهيون ٿا ته نيب ضابطن ۾ ترميم خلاف اچي پر عمران خان اپيل داخل ڪرائي ڇڏي آهي.










