پنوعاقل(رپورٽ زبير انڍڙ) جي يو آء جي سربراه مولانا فضل الرحمان پنوعاقل مدرسه اسلا ميه معارف القرآن جي نئين عمارت جو افتتاح ڪرڻ بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان ميچ فڪسنگ نه ٿا مڃيون. اسان ملين مارچ ڪيو آهي آصف علي زرداري حڪومت مخالف هلچل ۾ اسان کان گهڻو پوئتي آهي. ميڊيا کي اسان جو ملين مارچ نظر نه ٿو اچي. نيب سياسي انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي، حمزه شهباز جي گهر تي نيب ڇاپي سان انارڪي پکڙبي ۽ ڪارڪن وڌيڪ مشتعل ٿيندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪيو آهي ڊالر تيزي سان وڌي رهيو آهي 15 ارب جو قرض ورتو ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن به حڪومت ايتري ڪاوڙ۾ ايترو قرض نه ورتو، ڊالر 106 کان وڌي 150 تي پهتو آهي ۽ ملڪ جي تجارت خساري ۾ آهي. هن وقت پاڪستان جي 40 لک آبادي غربت جي لڪير کان هيٺ اچي چڪي آهي. هن حڪومت کي وڌيڪ وقت ڏيڻ ڌر اصل خلائي ۽ جعلي حڪومت کي وقت ڏيڻ جي برابر آ هي. پريس ڪانفرنس ۾ صوبائي امير راشد محمود سومرو وزير اطلاعات فواد چوڌري جي مولانا فضل الرحمان تي ڪيل تنقيد جي بابت ڳالهائيندي چيو ته ان کي وزرت تان هٽايو وڃي جي يو آء کيس پٿر هڻي پارليامينٽ ما ڪڍي ڇڏيندي. ان موقعي تي سابق ڊپٽي چيئرمين سينيٽ مولانا عبدالغفور حيدري، مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ شرف الدين انڍڙ ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا. ان کان اڳ مولان فضل الرحمان درگاھ هاليجي شريف پهچي گادي نشين ۽ جي يو آء جي صوبائي صدر مولانا عبدالصمد هاليجوي جي پوٽي جي نڪاح خواني ۾ شرڪت ڪري نڪاح پاڻ پڙهايو.
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين چين سان نه ويهنداسين: وزيراعظم
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان گڏيل آپريشن جو فيصلو
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
اسرائيل جو ايران تي جوابي ميزائيل حملو
اسرائيلي حملي جو وڌيڪ فيصلو ڪندڙ ۽ مناسب جواب ڏنو ويندو، ايران
پنجاب جي ضمني چونڊ، 10 ضلعن ۾ قلم 144 لاڳو
ورلڊ اوپن اسڪواش: پاڪستان جو حمزه خان مين ڊرا ۾ شامل
سلمان خان جي گهر ٻاهران سيڪيورٽي سخت
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
اڄوڪي-اخبار-2024-04-19
بل جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪندڙ ايڊورٽائزنگ ايجنسيز خلاف ڪارروائي ٿيندي
ڀارتي ٽارگيٽ ڪلنگ تي ڪو بيان نه اچڻ جو مطلب اهو ناهي ته سُتل آهيون
جان محمد جي قتل ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم
پهرين ٽي ٽوئنٽي، برسات سبب راند شروع نه ٿي سگهي
پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون،ايڪس
منشيات فروشن خلاف ڪاروايون، گرفتاريون، سامان ضبط
نيشنل اسٽيڊيم ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جا انتظام مڪمل
پارليمنٽ گڏيل اجلاس،صدر جو خطاب،اپوزيشن جو احتجاج