حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي

حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي

اسلام آباد)بيورو) وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ ۽ قيمت کي مستحڪم رکڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪندي کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم ايڪسپورٽ تي پابندي سان گڏ اسمگلنگ خلاف به سخت قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو.وزيراعظم هدايت ڪئي ته عوام جي ضرورتن کي پهرين پورو ڪيو وڃي ۽ اگهه کي مستحڪم ڪيو وڃي.وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي حڪمن تي موثر عملدرآمد کان آگاهه ڪن ۽ چيو ته لاپرواهي ۽ غفلت جي صورت ۾ لاڳاپيل آفيسر ۽ عملو ذميوار هوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو