لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهبازشريف ناڻي روانگي ۾ رڪارڊ اضافي تي قوم کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته ڊسمبر 2024ع تائين 3.1 بلين ڊالر ناڻي واڌ وصول ٿي، جيڪا نومبر 2024ع کان 5.6 سيڪڙو وڌيڪ آهي، پنهنجي بيان ۾ وزيراعظم چيوته ڊسمبر 2023ع کان ڊسمبر 2024ع تائين ناڻي روانگي ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي، ناڻي روانگي ۾ رڪارڊ اضافو اسان جي ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي پختي عزم جي سند آهي، وزيراعظم شهبازشريف چيو ته ناڻي روانگي ۾ رڪارڊ واڌ سان ملڪ جي معشيت جو ڦيٿو جام ڪرڻ جو نعرو هڻندڙن جي دعويٰ رهجي وئي، پاڪستان معاشي استحڪام کان پوءِ معاشي ترقي جي دڳ تي هلي چڪو آهي، حڪومت پاڪستان ملڪ جي ترقي ۽ عوامي فلاح ۽ بهبود لاءِ پر عزم آهي.










