حڪومت پاران 70 لک ڏهاڙيدارن لاءِ پيڪيج منظور

حڪومت پاران 70 لک ڏهاڙيدارن لاءِ پيڪيج منظور

اسلام آباد (اياز مهر) وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيندڙ 70 لک ڏهاڙيدار مزدورن کي 3 هزار ماهوار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم جي صدارت ۾ معاشي ماهرن جي ٽيم جي اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايڪسپورٽرز کي 200 ارب ٽيڪس رليف پيڪيج ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو. اجلاس بعد اهو ناهي ٻڌايو ويو ته ڏهاڙيدار مزدورن جو تعين ڪيئن ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو