اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪڻڪ جو امدادي اگهه 1350 روپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ڪڻڪ جي پوکجندڙ فصل جيڪو ايندڙ سال مارڪيٽ ۾ ايندو ان جو گهٽ ۾ گهٽ خريداري اگهه 1300 مان وڌائي 1350 مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙو فيصلو ناڻي بابت وزيراعظم جي مشير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آبادگارن جي ضرورتن ۽ عالمي منڊي ۾ قيمتن کي نظر ۾ رکندي ان ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.










