اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گھٽتائيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 روپيا 07 پئسا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 385 روپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙيءَ طرح پيٽرول جي قيمت ۾ 3 روپيا 39 پئسا في ليٽر گھٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 328 روپيا 56 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جي نئين قيمتن جو تعين اوگرا پاران ڪيو ويو آهي، جيڪي اڄ رات 12 بجن کان سڀاڻي رات 12 بجن تائين لاڳو رهنديون.










