اسلام آباد (بيورو رپورٽ): حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. پيٽروليم ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 325 روپيا 43 پئسا في ليٽر مقرر ٿي وئي آهي. ٻئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 1 روپيو 16 پئسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 383 روپيا 95 پئسا في ليٽر تائين پهچي وئي آهي. اعلامئي موجب نئين قيمتن تي عملدرآمد فوري طور تي ناغذ العمل ٿي ويو آهي.










