حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳاٽي ٽوڙ واڌ

حڪومت پاران پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڳاٽي ٽوڙ واڌ

اسلام آباد (بيورو) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.پريس ڪانفرنس ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جا تفصيل ڏنا پيا وڃن.مفتاح اسماعيل چيو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي عمل رات 12 وڳي کان ٿيندو.هن چيو ته پيٽرول 24.03 رپيا في ليٽر، ڊيزل 59.16 رپيا، لائيٽ ڊيزل 39.16 رپيا ۽ گاسليٽ 39.49 رپيا في ليٽر مهانگو ڪيو پيو وڃي.واڌ کانپوءِ پيٽرول جو نئون اگهه 233.89 رپيا، ڊيزل 263.31 رپيا، گاسليٽ 211.43 رپيا ۽ لائيٽ ڊيزل 207.47 رپيا ٿي ويو آهي.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽرول جي قيمت 120 رپيا في بيرل آهي، اسان کي هن وقت پيٽرول جي قيمت ۾ 24 رپيا في ليٽر نقصان ٿي رهيو آهي، عمران خان آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، عمران خان اسان جا هٿ بند ڪيا آهن، جنهن سبب اسان جا هٿ بند آهن.مفتاح اسماعيل چيو ته عمران خان جان بوجھ ڪري پيٽرول جا اگهه گهٽايا، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل، ڪڻڪ ۽ خوردني تيل جا اگهه وڌي ويا آهن.هن چيو ته پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ حڪومت کي ان حوالي سان ڪو به نقصان نه ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو