اسلام آباد(بيورو رپورٽ)حڪومت يوٽيوبر عادل فاروق راجا، جيڪو پاڪستان آرمي جو رٽائرڊ آفيسر آهي ۽ هن وقت برطانيا ۾ رهندو آهي، کي دهشتگردي روڪٿام ايڪٽ 1997ع تحت پابندي هيٺ آيل (پروسڪرائبڊ) شخص قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته “وفاقي حڪومت وٽ مناسب سبب موجود آهن ته مسٽر عادل فاروق راجا اهڙين سرگرمين ۾ مسلسل ملوث رهيو آهي، جيڪي پاڪستان جي سلامتي، سالميت ۽ عوامي نظم لاءِ سنگين خطرو بڻجن ٿيون.
نوٽيفڪيشن موجب “هو باقاعدگي سان آن لائين پليٽ فارمن جو غلط استعمال ڪندو رهيو آهي ته جيئن رياست مخالف بيانئي ۽ اهڙي پروپيگنڊا کي هٿي ڏيئي، سهارو ڏئي ۽ وڌائي، جيڪا پابندي هيٺ آيل دهشتگرد تنظيمن سان لاڳاپيل آهي، ۽ اهڙي طرح پاڪستان جي خودمختياري ۽ دفاع جي خلاف ڪم ڪندو رهيو آهي.”
هي نوٽيفڪيشن وفاقي گهرو وزارت جاري ڪيو آهي، جنهن جي تاريخ 27 ڊسمبر آهي. ان ۾ چيو ويو ته “دهشتگردي روڪٿام ايڪٽ 1997ع جي سيڪشن 11ee تحت حاصل اختيارن کي استعمال ڪندي، وفاقي حڪومت مسٽر عادل فاروق راجا کي ڄاڻايل ايڪٽ جي چوٿين شيڊول ۾ پابندي هيٺ آيل شخص طور شامل ڪرڻ جي هدايت ڪري ٿي.”
هي نوٽيفڪيشن وفاقي ڪابينا طرفان راجا کي پابندي هيٺ آڻڻ واري سمري جي منظوري کان پوءِ جاري ڪيو ويو، جيڪا سمري گهرو وزارت 23 ڊسمبر تي پيش ڪئي هئي.
اڳ ۾ گهرو وزير محسن نقوي، عادل راجا ۽ شهزاد اڪبر جي پاڪستان حوالي ڪرڻ بابت برطانوي هاءِ ڪمشنر کي درخواست ڏني هئي. جنهن جي ٽن هفتن بعد هي قدم کنيو ويو آهي.
راجا ان پيش رفت تي ايڪس (X) تي هڪ پوسٽ ذريعي ردعمل ظاهر ڪندي چيو: “اهي برطانوي هاءِ ڪمشنر کي شڪايت ڪرڻ لاءِ سڏي سگهن ٿا، پر اهڙي شڪايت پاڻ برطانيا جي قانونن تحت غيرقانوني آهي، ڇو ته اسان ڪا به غيرقانوني حرڪت ناهي ڪئي.”
10 ڊسمبر تي، لنڊن جي هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ راجا کي هڪ اڳوڻي انٽيليجنس آفيسر خلاف بي بنياد ڪرپشن ۽ چونڊن ۾ مداخلت جا الزام هڻڻ تي بدنامي جو ڏوهه ثابت ٿيڻ بعد 3 لک 50 هزار پائونڊ هرجاڻو ۽ قانوني خرچ ادا ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو.
2023ع ۾، فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل کان پوءِ راجا کي “بغاوت تي اڪسائڻ” جي الزام هيٺ 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي ۽ سندس فوجي عهدي کان به محروم ڪيو ويو هو.
جيتوڻيڪ فوج جي ميڊيا ونگ سڌي طرح انهن سزائن کي 9 مئي جي واقعن سان نه جوڙيو، پر اسلام آباد پوليس راجا ۽ مهدي تي الزام هنيو هو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ ٿيندڙ ملڪ گير احتجاجن دوران، فوجي تنصيبات تي حملن ۽ بغاوت کي هوا ڏيڻ ۾ انهن اهم ڪردار ادا ڪيو هو.










