اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت سولر پينلز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بجيٽ ۾ شمسي پينل تي لاڳو ڪيل 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس کي گهٽائي 10 سيڪڙو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اسحاق ڊار چيو ته حڪومت ڪجهه بجيٽ تجويزن تي نظرثاني ڪئي آهي، بجيٽ تي اتحادين سان صلاح مشورا جاري آهن، صوبن کي ڊجيٽل خدمتن تي سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جو حق آهي. نائب وزيراعظم چيو ته سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ مختص ڪيل رقم 2.6 ارب رپين کان وڌائي 4.6 ارب رپيا ڪئي پئي وڃي. واضح رهي ته حڪومت ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ سولر پينلز تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جو اعلان ڪيو هو، جنهن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي آن فنانس رد ڪري ڇڏيو هو.










