حڪومت پاران  افغانستان ۽ ايران سرحدون سيل ڪرڻ جو فيصلو

حڪومت پاران افغانستان ۽ ايران سرحدون سيل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي افغانستان ۽ ايران جون سرحدون سيل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اين سي او سي جي ٿيندڙ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايران ۽ افغانستان سان گڏ سرحدون 4 ۽ 5 مئي تي رات جو هڪ وڳي سيل ڪيون وينديون.وائرس جي نئين قسم کي روڪڻ جي لاءِ افغانستان ۽ ايران سان گڏ لينڊ بارڊر مينجمينٽ جو جائزو ورتو ويو جنهن جو مقصد زميني رستي کان اچ وڃ ۽ سرحد تي ڪورونا پروٽوڪول کي يقيني بنائڻ آهي.اين سي او سي موجب نظرثاني پاليسي 4 ۽ 5 مئي جي وچولي رات هڪ وڳي کان لاڳو هوندي. جڏهن ته نظرثاني پاليسي 29 ۽ 20 مئي جي وچولي رات تائين لاڳو رهندي. جڏهن ته نظرثاني پاليسي زميني رستن کان ايندڙ ماڻهن تي لاڳو هوندي.نظرثاني پاليسي ڪارگو، گڏيل واپار ۽ پاڪ افغان ٽريڊز تي نه هوندي ۽ بارڊر ٽرمينل هفتي جا 7 ڏينهن کليل رهندو. بارڊر ٽرمينل تي هيلٿ ڪيئر ورڪرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ  اهلڪارن جو انگ به وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو