حڪومت وٽ مينڊيٽ ناهي، انڪري اصلاحات نه آڻي سگهيا:قريشي

حڪومت وٽ مينڊيٽ ناهي، انڪري اصلاحات نه آڻي سگهيا:قريشي

لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هو پنهنجي دور ۾ مطالبن جي زور تي حڪومت ڪري رهيا هئا، مينڊيٽ نه هجڻ سبب عدالتي نظام ۾ سڌارا نه اچي سگهيا.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پي ٽي آءِ ڳالهين جي ميز تي اچڻ لاءِ تيار آهي، پي ٽي آءِ جو بنيادي مقصد آئين جي بالادستي آهي، 297 رٽائرڊ ججن عمران خان سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.هن چيو ته هو عدالتي نظام ۾ سڌارا آڻڻ چاهين ٿا، هن پنهنجي دور ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي پر مينڊيٽ ناهي مليو، هو پڇاڻو ڪري حڪمراني ڪري رهيا آهن.شاهه محمود چيو ته راڻا تنوير ايوان ۾ بي بنياد ڳالهه ڪئي، هي ماڻهو ماحول خراب ڪري رهيا آهن.ان دوران صحافي سوال ڪيو ته ڇا وڪيلن تحريڪ شروع ڪري ڇڏي آهي؟ ان تي شاهه محمود چيو ته اوهان کان هدايتون وٺي تحريڪ شروع ڪندس.شاهه محمود قريشي چيو ته هو رمضان المبارڪ ۾ جلسو ڪندو، اميد آهي ته ايندڙ دور ۾ کيس ڀرپور مينڊيٽ ملندو.

پهنجو تبصرو موڪليو