حڪومت وٽ زهر کائڻ لاءِ پئسا ناهن: وزير

حڪومت وٽ زهر کائڻ لاءِ پئسا ناهن: وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته حڪومت وٽ زهر کائڻ لاءِ پئسا ناهن،سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس محمد عبدالقادر جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، سيڪريٽري پيٽروليم، چيئرمين اوگرا ۽ ڊي جي گيس سميت ڪاروباري شخصيتن به شرڪت ڪئي،پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ ڪميٽي کي ٻڌايو ته حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن تي ضابطو آڻيندي ، اسان چاهيون ٿا ته پيٽروليم شين جي وڪري ۾ پيٽرول پمپن وچ ۾ مقابلو هجي.ان موقعي تي مملڪتي وزير چيو ته اڳوڻي توانائي واري وزير روس کان تيل خريد ڪرڻ لاءِ خط لکيو هو پر روس سان پاڪستان جو تيل خريد ڪرڻ جو ڪو به معاهدو ناهي ٿيو. پيٽروليم واري وزارت جو چوڻ آهي ته ايران کان پاڪستان ۾ تمام گهڻو تيل اسمگل ٿي رهيو آهي، ايراني اسمگل ٿيل تيل سستو آهي جڏهن ته اسمگلنگ ڏوهه آهي،پيٽروليم واري سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته گئس شعبي جو گردشي قرض به 1500 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. مملڪتي وزير چيو ته سوئي گيس ڪمپنين جا اثاثا گهٽجڻ شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪمپنين جو منافعو گهٽجي ويو آهي، اهڙي ريت اهي ڪمپنيون ديوالي ٿي وينديون. مصدق ملڪ چيو ته حڪومت وٽ زهر کائڻ جا به پئسا ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو