حڪومت ملڪ جي بهتري لاءِ ناهي آئي: عمران خان

حڪومت ملڪ جي بهتري لاءِ ناهي آئي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هيءَ حڪومت ملڪ جي بهتري لاءِ ناهي آندي وئي، ملڪ تي مڙهيل آمريڪي غلامن کي روس کان تيل خريدڻ جي جرئت ناهي.هاري ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ڀارت روس کان 40 سيڪڙو سستو تيل خريد ڪري پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 25 رپيا ڪري ڇڏي، آمريڪا پنهنجي پاليسين تي عمل ڪرائڻ لاءِ اسان جي هيءَ حڪومت مڙهي اهي.هن چيو ته ٻن مهينن ۾ اهڙو ڇا ٿي ويو جو پيٽرول 60 رپيا مهانگو، بجلي ۽ گئس به مهانگي ڪئي وئي، ٻن مهينن ۾ جيڪا مهانگائي ٿي، اها ٽن سالن ۾ نه ٿي، اميد آهي ته جلد چونڊون ٿينديون.سندس چوڻ هو ته موجوده حڪومت کي نيب کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ ايف آءِ اي ۾ پنهنجا ماڻهو لڳائي ڇڏيا آهن، هن حڪومت ايندي ئي هر شئي مهانگي ڪري ڇڏي، هارين تي ڌيان نه ڏنو ويو ته فوڊ سيڪيورٽي جا مسئلا ٿيندا.عمران خان چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر حمزا شهباز ۽ مريم صفدر کان حڪم وٺندو آهي، اهي اليڪشن ڪميشن سان گڏجي ڌانڌلي ذريعي چونڊون کٽڻ چاهين ٿا، شهباز شريف نيب جي مٿان ويهي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو