اسلام آباد(بيورو)اتحادي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب گذريل ڏينهن ٿيل اتحادين جي اجلاس ۾ حڪومت کي مدو پورو ڪرڻ لاءِ مشڪل فيصلا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اتحادي حڪومت ان ڳالهه تي تذبذب جو شڪار هئي ته آئيني مدو پورو ڪري يا جلد چونڊون ڪرايون، پر گذريل ڏينهن ٿيل اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو ويو ته آگسٽ 2023ع تائين آئيني مدو پورو ڪيو ويندو.










