بدين (ن سنڌيار) بينظير ڀٽو انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن وفاقي وزير شازيه عطا مري ء ورلد فوڊ پروگرام جي مشير براء ماء ء ٻار جي صحت شھزادي سارا زيد بدين م بي نظير نشو نما سينٽر جو افتتاح ڪري سينٽر ۾ ماء ء بارڙن جي لاء ٺاھيل مختلف شعبن جو دورو ڪيو ان موقعي تي ڊاڪٽرن ليڊي ڊاڪٽرن بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نشو نما سينٽر بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ھن موقعي تي شازيا عطا مري چيو ته حڪومت عورتن جي ڀلائي جي لاءِ ڪم ڪري رھي آھي ھن سينٽر جي قيام سان ماء ۽ ٻارڙن جي صحت جي حوالي سان عام عورت کي فائدو ٿيندو ھن چيو ته ھن وقت سجي ملڪ کي برساتي ٻوڏ جي صورتحال درپيش آھي ۽ عام ماڻھو ء خاص ڪري ٻھراڙين م رھندڙ عورتون سخت متاثر ٿيون آھن جن جي مشڪلاتن جو احساس آهي ان لاء بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي تحت عورتن کي رقمن جي فراهمي شروع ٿي رھي آھي جنھن سان عورتن ء سندن ڪٽنبن جي مدد ٿي سگھندي حبيب بينڪ ۽ الفلاح بينڪون حڪومت سان معاهدي تحت بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رقم مستحق ماڻھن کي ڏيئي رھيون آھن جڏھن ته بين بينڪن سان به ان سلسلي م ڳالھيون ھلي رھيون آھن ته جيئن ماڻھن کي امدادي رقم حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ھن چيو ته مستحق ماڻھن جي امدادي رقمن مان ڪٽوتيون ڪرڻ جو شڪايتون اچي رھيون آھن جيڪو افسوس ناڪ عمل آھي ان سان تڪليف پھچي ٿي اسان ڪوشش ڪري رھيا آھيون ته اھڙن ماڻھن جي خلاف قانون موجب سخت قدم کڻون ۽ ان لاء ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايتون ڏنيون ويون آھن ته ھو ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪن ھن چيو ته موجودا برساتن جي ڪري سجو ملڪ متاثر ٿيو آھي سوين ماڻھو فوت ء زخمي ٿيا آھن ماڻھن جا گھر تباھ ء چوپايو مال لڙھي ويو آھي ھر علائقي ۾ امدادي سرگرميون جاري آھن وزيراعظم ميان شھباز شريف ان سلسلي م رليف فنڊ جو اعلان ڪيو آھي جنھن سان متاثر ماڻھن کي وڏي مدد ملي سگھندي ھن چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي سنڌ م بدين سجاول سميت ڪيترن ئي ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو آهي ۽ امدادي ڪاروايون شروع ڪيون ويون آهن ھن موقعي تي صوبائي وزير محمد اسماعيل راھو سيد رياض حسين شاھ سينيٽر خالده سڪندر منڌرو ايم پي اي تاج محمد ملاح ڊي سي بدين آغا شاھنواز خان ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ موجود هئا.










