حڪومت عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ لاءِ تيار

حڪومت عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت عوام تي هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي بم ڪيرائڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي، حڪومت نيپرا کي بجلي جو بنيادي ٽيرف 7 رپيا 91 پئسا وڌائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت برابر ٽيرف لاءِ نيپرا ۾ درخواست جمع ڪرائي آهي، جنهن تي سڀاڻي ٻڌڻي کانپوءِ نيپرا پنهنجو فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪليندي. وفاقي حڪومت طرفان داخل درخواست ۾ ڪي اليڪٽرڪ سميت سڀني ڊسڪوز لاءِ بجلي جو بنيادي ٽيرف وڌائڻ جي تجويز آهي، حڪومت جو بنيادي ٽيرف مرحلي وار وڌائڻ جو منصوبو آهي. ان سلسلي ۾ جولاءِ کان بجلي 3 رپيا 50 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي تجويز آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو