حڪومت شمسي توانائي جي ڪاروبار کي مراعات فراهم ڪندي: مريم اورنگزيب

حڪومت شمسي توانائي جي ڪاروبار کي مراعات فراهم ڪندي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (بيورو)وفاقي حڪومت جي سولر انرجي ٽاسڪ فورس شمسي توانائي جي ڪاروبار لاءِ ترغيب ڏيڻ لاءِ سفارشون تيار ڪري ورتيون آهن.اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ سولر انرجي ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ٽاسڪ فورس جي ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. ان حوالي سان ميڊيا بريفنگ ۾ مريم اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ شمسي توانائي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ مختلف قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته توانائي جي بچت ۽ گرين انرجي کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاليسي تي غور ڪيو پيو وڃي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير اهو به چيو ته سرڪاري عمارتن کي سولر انرجي تي تبديل ڪيو ويندو، ان حوالي سان فزيبلٽي رپورٽ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته بجلي جي سبسڊي حاصل ڪندڙ علائقن ۾ سولر پلانٽ پڻ لڳايا ويندا. مريم اورنگزيب چيو ته سولر پينلز جي استعمال سان گرڊ اسٽيشنن کي اضافي بجلي به وڪرو ڪرڻ جي سگهه ملندي، اجلاس ۾ ننڍن صارفين کي شمسي توانائي جي منتقلي لاءِ سبسڊي ڏيڻ تي به غور ڪيو ويو. هن چيو ته 4 کان 5 هزار ميگاواٽ جي منصوبن تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو ۽ سولر انرجي جي ڪاروبار کي ترغيب ڏني ويندي. وفاقي وزير چيو ته ٽاسڪ فورس پنهنجون سفارشون وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو