حڪومت سينئر صحافي جي مدد ڪري، مقامي صحافين جو مطالبو

حڪومت سينئر صحافي جي مدد ڪري، مقامي صحافين جو مطالبو

ڳڙهي ياسين (شفيق مهر)مظلومن ۽ متاثرن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ آواز اٿاريندڙ نئوديرو جو سينئر صحافي عبدالقادر اوڍو اڄ پاڻ مدد جو منتظر آھي. 10 ڏينھن اڳ نئون ديرو شھر جي پراڻي گوشت مارڪيٽ محلا ۾ صحافي جي گھر  جي ڇت ڪرڻ ۽ بجلي جي تارن مان باھ لڳڻ وارو درد ناڪ واقعو پيش آيو هو، جنھن ۾ سينئر صحافي جو  نوجوان ڀائيٽو فياض احمد اوڍو ، نياڻي انيلا ۽ مصوم  ڏوھٽي 3 سالن جي ناجيه سڙي زخمي ٿي پيا هئا. واقعي واري ڏھاڙي  نئون ديرو ھائوس تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽  تڪ جي ايم پي اي فريال ٽالپر صاحبه موجود ھئا پر شھر ۾ سينئر صحافي جي مدد ته پري رھي پر اھڙي دردناڪ واقعي تي ڏک جو اظھار به نه ڪيو ويو ڪجهه مقامي پ پ اڳواڻن روائتي رسم کي برقرار رکندي سينئر صحافي سان مدد جون ڳالھيون ڪري غائب ٿي ويا پ پ جيڪا عوامي پارٽي ليکي ويندي آهي، ان هوندي به پ پ جي ڳڙھ نئون ديرو جو سينئر صحافي بي يارو مدد گار بڻيل آھي.

مقامي صحافين جو چوڻ آهي ته کين وڏو افسوس پنھنجي سٿ جي ساٿين ۽ صحافي تنظيمن تي ٿي رھيو آھي جيڪي وڏيون وڏيون صحافتي تنظيمون جوڙي صحافين کي گڏ ڪرڻ ۽ انھن جي مدد ڪرڻ جون وڏيون وڏيون ڳالھيون ڪندا رھن ٿا. صحافت کي پنھنجي زندگي جا 30 سال ارپيندڙ سينئر صحافي عبدالقادر اوڍو جو شايد ضمير اڄ به زنده آھي جو ھن ڪنھن کي به مدد جي اپيل ناھي ڪئي.  مقامي صحافين مطالبو ڪيو ته ضلعي انتظاميه ۽ پي پي قيادت سينئر صحافي عبدالقادر اوڍو ، سندس ڀائيٽي ، نياڻي ۽ معصوم ڏوھٽي جو علاج ڪرائي  ھن جي مالي مدد ڪرڻ گهرجي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو