حڪومت جي ادائگين جو نظام آسان ۽ موثر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

حڪومت جي ادائگين جو نظام آسان ۽ موثر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم محمد شهبازشريف شهرين پاران حڪومتي ادائيگين جو نظام آسان ۽ موثر بنائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي ته جيئن شهري گهر ويٺي هي ادائيگيون آن لائن سسٽم جي ذريعي سولائي سان ڪري سگهن ان ڏس ۾ وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ جي سربراهه سلمان صوفي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي شهرين طرفان حڪومت جون گهڻيون ادائيگيون جلد ئي بنا ڪنهن واڌو چارجز جي آن لائن ادا ٿي سگهنديون ان جي شروعات عيدالضحيٰ کان ترت پوءِ ڪئي ويندي ۽ ڪوشش اها ڪئي ويندي ته ايندڙ 6 مهينن اندر نيشنل بئنڪ آف پاڪستان جي ذريعي سموريون حڪومتي ادائيگيون آن لائن طريقي سان ٿي سگهن ان ڏس ۾ صدر نيشنل بئنڪ آف پاڪستان کي ضروري هدايت ڏئي ڇڏي سلمان صوفي جو چوڻ آهي ته ڪيش ليس معيشت لاءِ مضبوط آن لائن ادائيگي جي نظام جي ضرورت هوندي آهي جنهن ۾ شهري تي گهت ۾ گهٽ يا ڪائي چارج ناهي ٿيندي موجوده حڪومت جو هي قدم ڪيش ليس معيشت ڏانهن هڪ هاڪاري اڳڀرائي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو