’حڪومت جي احتساب ۽ عوامي تقدير بدلائڻ جو وقت اچي ويو آهي‘

فيصل آباد (ويب ڊيسڪ) پي ڊي ايم پاران فيصل آباد جي ڌوٻي گهاٽ ۾ منعقد ڪيل جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز عمران خان تي سخت تنقيد چيو ته هن مهانگائي جو طوفان برپا ڪري عوام کان ماني کسي خودڪشين تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته پيٽرول، بجلي، اٽو، تيل، گيهه هر شئي مهانگي ڪئي آهي. هن چيو ته نواز شريف جي مخالفن کي هر جاءِ تي شڪست ملي رهي آهي. هن ڪرپشن جا داستان رقم ڪيا آهن، هاڻي جڏهن پنهنجي احتساب جو وارو نظر ٿو اچيس ته نيب جو قانون تديل ڪري چيئرمين کي مدي ۾ واڌ ڏني آهي. هن فوج جي اداري تي حملو ڪيو بلڪ خود ڪش حملو ڪيو آهي، ڪيترن آفيسرن جون بدليون رڪجي ويون سڄي دنيا ۾ جڳ هسائي ٿي آهي. مريم چيو ته فوج ۾ مقرريون هاڻي جن ڀوت ڪري رهيا آهن. تون پنهنجي اقتدار جي ٻڏندڙ ٻيڙي کي بچائڻ لاءِ ادارن ۾ تقرريون روڪيون ۽ چوين ٿو ته افغانستان لاءِ هن آفيسر کي رکڻ چاهيان ٿو. جنهن پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي ان جو خيال نٿو اچي، هنکي خبر آهي ته اهو شخص (فيض حميد) عهدي تان هٽيو ته هن جي حڪومت ختم ٿي ويندي. نواز شريف اوهان کي ٻڌايو هو ته عمران خان جنهن ٿالهي ۾ کائيندو آهي ان ۾ سوراخ ڪندو آهي ۽ هن کي گڏ کارائڻ وارن کي خبر پئجي وئي آهي. مان سڀني کي ٻڌائڻ گهران ٿي ته وزيراعظم اهو ٿيندو جيڪو عوام چاهيندو، هي آئيني ۽ قانوني ۽ جمهوري وزيراعظم ناهي. مريم چيو ته هن صحافين جي زبان بند ڪئي، اغوا ڪرايو، ميڊيا تي پابنديون هنيو، حملا ڪرايا، هن ڪهڙي اداري کي ڇڏيو آهي. هن ميڊيا کان آزادسي کسي، عدليا کي داغدار ڪيو، ججن کي عبرت جو نشانو بڻايو، پارليمان جي توهين ڪئي. مريم چيو ته هي عمران خان سان گڏ ان شخص خلاف به چارج شيٽ آهي جنهن سرڪاري ملازم هوندي قانون جي خلاف ورزي ڪئي آهي، اوهان ججن کي بليڪ ميل ڪيو، سياسي وفاداري تبديل ڪرائي، رانا ثنا تي هيروئن جو ڪيس ڪيو. مريم چيو ته هاڻي هي سياسي شهادت جي ڪوشش پيو ڪري پر عوام هن کي سڄاڻي چڪي آهي ۽ عوام هن جي حڪومت جي ڳچي پڪڙڻ لاءِ تيار آهي. عوام هن کان سڀ حساب وٺندو، اٿو تقدير بدلڻ جو وقت اچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو