حڪومت جو يوٽرن،پگهارن کٽندڙن تي ٽيڪس لڳائي ڇڏيو

حڪومت جو يوٽرن،پگهارن کٽندڙن تي ٽيڪس لڳائي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته ماهوار هڪ لک کان ٽي لک پگهار کڻندڙ ماڻهن تي 12 سيڪڙو ٽيڪس هوندو.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مفتاح اسماعيل چيو ته اڳوڻي حڪومت اسان کي ڊيفالٽ ٿيڻ جي ڪنڌيءَ تي پهچائي ڇڏيو هو، مان سمجهان ٿو ته پيٽرول ۽ بجلي تي سبسڊي نه ڏيڻ گهرجي ها، گذريل سال 1500 ارب رپيا بجلي جي سبسڊي تي خرچ ڪيا.ناڻي واري وفاقي وزير خبردار ڪيو ته پيٽروليم ليوي 50 رپين تائين ويندي، تيل اگهن تي سبسڊي نه هجڻ گهرجي.مفتاح اسماعيل وڌيڪ چيو ته ڪٿي ڪٿي آءِ ايم ايف اسان جي ڳالهه مڃي ۽ ڪٿي اسان مڃي.هن ٻڌايو ته ماهوار هڪ کان ٽي لک رپيا پگهار کڻندڙن تي 12 سيڪڙو ٽيڪس هوندو.سپر ٽيڪس جي حوالي سان هن چيو ته بينڪن ۽ شگر اندسٽري تي به سپر ٽيڪس لاڳو ٿيندو ۽ اهو ون ٽائم هوندو.هن چيو ته هول سيل ۽ ري ٽيل دڪانن تي 3 هزار کان 10 هزار رپين تائين فڪسڊ ٽيڪس لڳايو آهي، سون جا 30 هزار مان رڳو 22 دڪان رجسٽرڊ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو