اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت مني بجيٽ آرڊيننس ذريعي نه آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ هاڻي ضمني فنانس بل قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فنانس بل جي سينيٽ مان منظوري جي ضرورت نه پوندي، قومي اسيمبلي قاعدن ۽ ضابطن کي معطل ڪري بل هڪ ڏينهن ۾ پاس ڪري سگهي ٿي، قومي اسيمبلي مان فنانس بل جي منظوري کانپوءِ صدر ان تي دستخط ڪرڻ جو پابند. ڪندو ان حوالي سان ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته فنانس بل سڀاڻي پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو ويندو، وفاقي ڪابينا فنانس بل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پارليامينٽ جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي.اهڙي پيش رفت کانپوءِ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪئي وئي آهي، ناڻي واري وزير جي پريس ڪانفرنس اڄ رات 9:25 تي ٿيڻي هئي.










