اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) حڪومت تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين جو فيصلو ڪري ورتو آهي. تحريڪ لبيڪ جي پنجاب ۾ احتجاج جي معاملي تي حڪومت ٽي ايل پي سان ڳالهين جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ گهرو وزير جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪندي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت واري دور ۾ تحريڪ لبيڪ کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو هو ۽ 15 اپريل 2021 تي ان حوالي سان هڪ نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو هو ته دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ 1997 جي تحت ٽي ايل پي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. پي ٽي آءِ حڪومت تحريڪ لبيڪ تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو هو جنهن جو سبب ملڪ ۾ ان وقت ٿيندڙ احتجاج ۽ ڌرڻا هئا جنهن ۾ ٽي ايل پي ڪارڪنن ۽ پوليس وچ ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي چڪريون پڻ ٿيون هيون.تحريڪ لبيڪ طرفان گهرو سيڪريٽري کي درخواست ڏني وئي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو هو ته تحريڪ لبيڪ دهشتگرد تنظيم نه آهي پر اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سياسي پارٽي آهي.










