اسلام آباد(رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي حڪومت تحريڪ لبيڪ تي پابندي مڙهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته تحريڪ لبيڪ تي پابندي جو فيصلو اينٽي ٽيررزم ايڪٽ تحت ڪيو ويو ۽ پنجاب حڪومت تنظيم تي پابندي مڙهڻ جي سفارش ڪئي آهي ، اسان پابندي جو سمري ڪابينا ڏانهن موڪلي رهيا آهيون.شيخ رشيد چيو ته پابندي سياسي صورتحال سبب نه پر تحريڪ لبيڪ جي ڪردار جي ڪري لاڳو ڪئي وئي ، هن چيو ته هن ڪڏهن به پارٽي جي حمايت نه ڪئي آهي ۽ نه ئي خادم حسين سان ملاقات ڪئي آهي.وفاقي گهرو وزير چيو ته هن کي قائل ڪرڻ لاءِ اسان جون ڪوششون ناڪام ٿي ويون ، هو فيض آباد اچڻ چاهي ٿو ، اسان اتفاق راءِ سان اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ چاهيون پيا ، اسان وڏيون ڪوششون ڪيون پر هو فيض آباد اچڻ چاهي پيو ۽ هو چاهي پيو ته يورپ وارا سمورا واپس هليا وڃن.گهرو وزير چيو ته اسلام آباد ۾ پوليس کان هڪ رائفل ڇني وئي ۽ ان سان پوليس تي فائرنگ وارو واقعو پيش آيو. ان تي قانون مطابق ايف آءِ ٺهي ٿي










