حڪومت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري دهشت پکيڙي پئي: عمران خان

حڪومت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري دهشت پکيڙي پئي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اسان جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي اهو سڀ ڪجهه دهشت پکيڙڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي ته جيئن هو پنهنجا آئيني حق حاصل نه ڪري سگهن.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته اسان جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي ۽ سيڪريٽري جنرل اسد عمر کي هڪ هفتي کان جيل ۾ قيد ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪمن جي باوجود صحافي عمران رياض خان کي عدالت ۾ پيش نه پيو ڪيو وڃي. مان پنهنجي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي غيرقانوني گرفتارين ۽ اغوا جي ڪاررواين جي مذمت ڪريان ٿو.عمران خان چيو ته شهريار آفريدي جي گهر واري کي جيل اماڻيو ويو؟ اڳوڻي انساني حقن واري وزير شيرين مزاري جي علاج ۽ سندس ڌيءَ کي مرد پوليس اهلڪارن طرفان جسماني تشدد جي حوالي سان ٻڌي مان تمام گهڻو پريشان آهيان. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شيرين مزاري ۽ سينيٽر فلڪ چترالي جي ضمانت منظور ڪئي هئي. ان جي باوجود کين اڊيالا جيل اندران اغوا ڪري سيڪريٽريٽ ٿاڻي آندو ويو جتي ڊاڪٽر مزاري جون رڙيون ٻڌيون ويون.عمران خان چيو ته اسان جي عورتن ۽ حامين سان ٿيندڙ وحشياڻي سلوڪ جون وڊيوز ثبوت طور سامهون اچڻ مذمت جوڳيون آهن. اسان جي ڪيترين ئي عورت ايم اين ايز، حامين ۽ ڪارڪنن کي سڄي ملڪ جي جيلن ۾ غير انساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي ۽ اهي پوليس زيادتين جو شڪار آهن. تحريڪ انصاف چيئرمين وڌيڪ چيو ته هن فاشسٽ حڪومت طرفان عورتن سان جيڪو سلوڪ ڪيو پيو وڃي اهو سڀ ڪجهه انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.اڳوڻي وزيراعظم مطالبو ڪندي چيو ته اسان جي سمورين عورت اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ انهن جي گهر ڀاتين کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي ڇو ته انهن جي قيد برداشت ڪرڻ جوڳي نه آهي. عالمي انساني حقن جون تنظيمون به اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ فوري طور تي قدم کڻن.

پهنجو تبصرو موڪليو