screen shot photo Shtr Stock

حڪومت ايران کان ٽماٽا گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت مقامي منڊين ۾ ٽماٽن جي کوٽ کي مد نظر رکندي ايران کان ٽماٽا گهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ ايران کان هڪ مهيني لاءِ ٽماٽا گهرايا ويندا. اهڙو فيصلو وزارت نيشنل فوڊ سيڪيورٽي (ايم اين ايف ايس)، درآمد، وزارت تجار ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز جي اعليٰ عهديدارن جي موجودگي ۾ اجلاس ۾ ڪيو ويو. ايم اين ايس جي وفاقي سيڪريٽري محمد هاشم پوپلزئي ملاقات ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ايران کان ٽماٽا گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي فيصلي مطابق گهريلو مارڪيٽ ۾ فروخ لاءِ ٽي کان چار هفتن لاءِ ايران کان ٽماٽا خريد ڪيا ويندا. جيتوڻيڪ حڪومت خريداري لاءِ ڪوٽا جي وضاحت نه ڪئي پر ان باوجود ٽماٽا گهرائڻ لاءِ 13 ڊسمبر جي ڊيڊ لائن طئي ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف حڪومت کي يقين آهي ته سنڌ کان ايندڙ ٻن ٽن هفتن ۾ ٽماٽن ۽ بصر جو نئون فصل تيار ٿي مارڪيٽ ۾ اچي ويندو جنهن دوران ايران کان ڪنهن حد تائين کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ٽماٽا گهرائڻ بهتر رهندو ۽ توقع ظاهر ڪئي پئي وڃي ته ايندڙ 4 ڏينهن ۾ ايراني ٽماٽو پاڪستان پهچي ويندو. پاڪستان طرفان تفتان بارڊر تي ٽماٽن کي پهچائڻ لاءِ ايران کي محڪمي جو سرٽيفڪيٽ پيش ڪندو. ٻئي طرف حڪومت ٽماٽن جي گهرائڻ تي 5.5 سيڪڙو هولڊنگ ٽيڪس تي ڇوٽ ناهي ڏني ان ٽيڪس جي اثر جو تخمينو لڳ ڀڳ 2 رپيا في ڪلو آهي. ٻئي طرف پاڪستان اندر ٽماٽن جي کوٽ سبب مختلف شهرن ۾ 250 سئو کان 300 رپيا ڪلو ٽماٽا وڪرو ٿي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو