آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدت ملازمت ۾ 2022 تائين واڌ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي مدت ۾ ٽن سالن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. خطي جي سيڪورٽي جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سندس ملازمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صحيح سان آرڊر جاري ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جنهن ڏينهن سندس مدت پوري ٿيندي ته هن جي ملازمت ۾ ٽن سالن تائين واڌ شروع ٿيندي، يعني هو 2022 تائين آرمي چيف هوندو. هن کي 28 نومبر 2016  تي ميان نواز شريف آرمي چيف مقرر ڪيوهو.

ان وقت افواهه ليفٽيننٽ جنرل زبير حيات ۽ ليفٽيننٽ جنرل جاويد رمدي جي نالن جا هليا هئا پر ميان نواز شريف سينارٽي ۾ چوٿين نمبر واري باجوا کي آرمي چيف بڻايو هو. هن جو ڄم 12 نومبر 1960 تي ڪراچي ۾ ٿيو هو. سندس والد محمد اقبال باجوا فوج مان ليفٽيننٽ ڪرنل طور ريٽائر ٿيو. سندس اباڻو شهر گکڙ منڊي راوپلنڊي آهي. هن انٽرميديٽ گورڊن ڪالج رالپنڊي مان پاس ڪئي. 1978 ۾ ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول جوائن ڪئي 1980 ۾ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪري بلوچ رجمينٽ جوائن ڪئي هئي. ڪرڪٽ جو شوقين جنرل باجوا جڏهن 2007 ۾ برگيڊيئر هو ته اقوام متحده جي ڪانگو مشن ۾ به خڊمتون سرانجام ڏنائين. تاريخ جا ڪتاب دلچسپي سان پڙهندو آهي ۽ خاص ڪري يورپي تارخ ۾ دلچسپي اٿس. جنرل راحيل شريف مدت م واڌ قبول نه ڪئي باقي جنرل مشرف ۽ جنرل ڪياني کانپوءِ جنرل باجوا جي مدت ۾ وقت جي حڪومتن واڌ ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو