ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي جي امير ۽ اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آهي ته جمهوري ادارن جي موجودگي باوجود صدارتي آرڊيننس ذريعي حڪومتي ڪاروهنوار هلائڻ ميرٽ جو قتل، ادارن جي بي توقيري ۽ بدترين آمريت آهي، سنڌ جي حالتن ۾ تبديلي لاءِ عوامي شعور وڌي رهيو آهي، زبون حال معاشي صورتحال عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، ڪارڪن مڪاني چونڊن جي تياري ۽ سنڌ جي عوام کي متبادل توڙي ديانتدار قيادت فراهم ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن قباء آڊيٽوريم ۾ جماعت اسلامي سنڌ جي ضلعي صدور جي هڪ روزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا جي ڀيڻ ۽ ٻين مرحومين جي مغفرت لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.

اجلاس ۾شريڪ ضلعي اڳواڻن ٽن مهينن واري ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ، نائب امراءَ ممتاز حسين سهتو، حافظ نصرالله چنا، پروفيسر نظام الدين ميمڻ، عبدالغفار عمر، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري عبدالوحيد قريشي، عبدالحفيظ بجاراڻي، مولانا عبدالقدوس احمداڻي ۽ افضال احمد آرائين سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. محمد حسين محنتي وڌيڪ چيو ته موجوده حڪومت پنهنجي سڀني دعون ۽ نعرن باوجود عوام کي ڪنهن به قسم جو رليف فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، مهانگائي جي سونامي عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪمران راوي درياءُ ۾ پُرآسائش ٻيڙين ۾ فيملي سميت عياشيون ڪرڻ ۾ مصروف آهن، وزيراعظم جي معاشي، سياسي ۽ قانوني ٽيم مڪمل طور تي ناڪام جڏهن ته ضد ۽ هٺ ڌرمي جي ڪري سڀئي ملڪي ادارا تڪراري بڻجي چڪا آهن، احتساب کي انتقام ۾ تبديل، ڪروڙين نوڪريون ڏيڻ، پنجاهه لک گهر اڏڻ سميت سڀئي نعرا ڌوڙ ٿي ويا. محمد حسين محنتي سنڌ ۾ ماڪڙ جي حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته سنڌ جو آبادگار ۽ هاري جيڪو اڳ ۾ ئي غربت ۽ مسئلن ۾ ڦاٿل آهي. وفاقي ۽ سنڌ حڪومت ان جو تدارڪ ڪرڻ لاءِ ڪي به موثر اُپاءُ ڪونه ورتا آهن،










