لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ادارن خلاف تڪراري بيان ڏيڻ تي ٻيهر گرفتار ٿيل سينيٽر اعظم سواتي بابت بيان ۾ چيو آهي ته حيران آهي ته اسان ڪيتري تيزيءَ سان فاشسٽ رياست طرف وڃي رهيا آهيون.سوشل ميڊيا تي تڪراري بيان ڏيڻ تي ايف آءِ اي سينيٽر اعظم خان سواتي کي اڄ گرفتار ڪري ورتو آهي، سندس خلاف سائبر ڪرائم تحت ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي.سينيٽر اعظم سواتي جي ٻيهر گرفتاري جي مذمت ڪندي عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته حيران آهي ته اسان ڪيتري تيزيءَ سان فاشسٽ رياست طرف وڃي رهيا آهيون.هن وڌيڪ چيو ته سينيٽر اعظم سواتي جي گهرواري کي حراست ۾ تشدد ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي وڊيو موڪلڻ جو درد ڪير نٿو سمجهي؟ اعظم سواتي جي ناانصافي تي ڪاوڙ ۽ مايوسي جائز آهي.پي ٽي آءِ چيئرمين جو چوڻ آهي ته اعظم سواتي جي حمايت ۾ سينيٽرن جي اپيلن کي 15 ڏينهن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود سپريم ڪورٽ جا دروازا مٿس بند آهن، هو ٽوئيٽ ڪري ٻيهر گرفتار ٿي وڃن ٿا، هن رياستي فاشزم خلاف سڀني کي آواز اٿارڻو آهي.










