حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي سڏ تي پنجين ڏينھن به شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاء حيدرآباد، مٽياري، دادو، ڄامشورو، ٽٽو، بدين، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الھيار ضلعن جي سمورن پريس ڪلبن آڏو بک ھڙتالي ڪئمپن تي قلم ڌڻي سراپا احتجاج بڻيل، سخت نعريبازي، شھيد جا قاتل ء سھولتڪار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو، تحريڪ وڌيڪ تيز ڪرڻ جو چتاءُ. ان سلسلي ۾ حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس مرڪز جي سڏ تي شھيد صحافي جان محمد مھر جا قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار نه ٿيڻ خلاف حيدرآباد پريس ڪلب آڏو پنجين ڏينھن به بک ھڙتال جاري رھي. ان موقعي تي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر خطاب ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مھر جي قتل واقعي کي ٻہ مھينا ٿيڻ وارا آھن پر قاتل ۽ سھولتڪار اڃان تائين قانون جي گرفت ۾ نه اچي سگھيا آھن، ڇا قاتل ھن رياست، حڪومت ۽ پوليس کان ڏاڍا آھن جو انھن جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي آھي، ھن چيو ته پوليس چاھي ته قاتل ھڪ ڏينھن گرفتار ٿي سگھن ٿا، اسان جي جدوجھد ان وقت تائين جاري رھندي جيستائين شھيد جا قاتل گرفتار نه ٿيندا. انساني حقن جي اڳواڻ ڊاڪٽر خوشحالداس ڪلاڻي، تنوير آرائين، سينئر صحافي منصور مري، اعجاز لغاري، اشوڪ شرما، نياز وگھيو، راجه انور چانڊيو، فرحان آفندي، امتياز کوسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته شھيد جان محمد مھر جا قاتل ڪچي ۾ موجود آھن، جيڪي رياست ء حڪومت جي رٽ کي سرعام چئلينج ڪيو ويٺا آھن پر افسوس سنڌ پوليس قاتلن کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي رھي آھي، ھنن چيو ته شھيد صحافي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته بک ھڙتال جو مرحلو مڪمل ٿيڻ بعد تحريڪ جو ٽيئن مرحلي جو اعلان ڪيو ويندو. ھنن چيو ته اسان جو صرف ھڪ ئي مطالبو آھي ته قاتلن ء سھولتڪار کي گرفتار ڪري عدالتن جي حوالي ڪيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور قاتلن ء سھولتڪارن کي گرفتار ڪيو وڃي. بک ھڙتالي ڪئمپ تي ايڇ يو جي جو صدر اقبال ملاح، خزانچي جاني خاصخيلي، سينيئر صحافي ارشاد چنا، فاضل چنا، اشوڪ راماڻي، ساجد علي خان، امام علي ڀلائي، نويد قائمخاني، نياز ملاح، ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ھوڏانھن ايڇ يو جي، جي سڏ تي ايڇ يو جي دادو يونٽ پاران ايڇ يو جي جي مرڪزي نائب صدر ولي محمد لنڊ، ضلعي صدر گلڻ خان ڀنڊ، راجه ياسين ڪوريجو، ايڇ يو جي ڄامشورو يونٽ پاران پريس ڪلب آڏو تنظيم جي ضلعي صدر قربان پنھور، اسماعيل باريجو، ڌڻي بخش باريجو، ايڇ يو جي ٽنڊو محمد خان يونٽ پاران رمضان شورو، غلام قادر شورو، مظفر رند، ايڇ يو جي بدين يونٽ پاران تنظيم جي مرڪزي سينيئر نائب صدر حاجي خالد محمود گھمن، لالا ھارون گوپانگ، شفيع محمد جوڻيجو، ايڇ يو جي مٽياري يونٽ پاران ڀٽ شاھ پريس ڪلب آڏو تنظيم جي ضلعي صدر رجب بوزدار، علي قاسم، امتياز علي ابڙو، ايڇ يو جي ضلعي ٺٽي يونٽ پاران تظيم جي ضلعي صدر خدا بخش بروھي، اسماعيل ميمڻ، ڌاٻيجي ۾ مقصود جوکيو، ايڇ يو جي ٽنڊو الھيار يونٽ پاران تنظيم جي مرڪزي اڳواڻ غلام رسول نھڙيو، ضلعي صدر امان الله کوکر، حسرت لغاري جي اڳواڻي سميت ريجن جي سمورن ننڍن وڏن شھرن جي پريس ڪلبن آڏو قلم ڌڻين شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاء بک ھڙتالي ڪئمپن تي سخت احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو آھي ته شھيد جان محمد مھر جا قاتل ۽ سھولتڪار گرفتار ڪري شھيد جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.










