حيدر آباد پوليس جي نااهلي شهري لٽجڻ لڳا

حيدر آباد پوليس جي نااهلي شهري لٽجڻ لڳا

حيدرآباد (ن سنڌيار) عيد ويجهو ايندئي ئي شهر ۾ ٻيهر ڦرلٽ جي واقعن ۾ تيزي اچي وئي، 12 ڪلاڪن دوران ڦرلٽ جا 3 واقعا پيش آيا ۽ مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا پوليس موجب قاسم آباد جي علمدار چوڪ وٽ بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي گهر ويندڙ شهري تي ڦورن جو حملو ڪري ڏنو، ديا رام پٽ چيلا رام تي ڇرين سان حملو ڪري سندس ڳلو ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي ڀٽائي نگر پوليس چيو آهي ته شهري دانهون ڪيون جنهن تي ڦورو فرار ٿي ويا ۽ هو زخمي حالت ۾ پاڻ گاڏي هلائي سول اسپتال پهتااکين ڏٺا شاهدن موجب بئنڪ جي اي ٽي ايم مان رقم ڪڍرائڻ لاءِ ويل واپاري جي گاڏي لاڪ نه ڪئي هئي، ڦورو سندس گاڏي جي پوئين سيٽ تي اڳ ۾ ئي سوار ٿي ويا هئاٻئي پاسي ڪالهه رات جو ڦورن لبرٽي مارڪيٽ واري علائقي ۾ يوٽيلٽي اسٽور تي ڪاهه ڪري مبين آرائين کان ڏيڍ لک رپيا ڦر ڪيا ۽ مزاحمت تي کيس گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو هوڏانهن هالاناڪي واري علائقي ۾ اڻڄاتل ڦورو شمشاد نالي شخص کان هڪ لک رپيا روڪ رقم ڦري ويا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو