حيدراڻي برادري جوضلعي چيئرمين تي زمين ڦٻائڻ جو الزام، مظاهرو

ميرپورماٿيلو(رپورٽ ظھير وسير) حيدراڻي برادري سان تعلق رکندڙ حاجي علي اڪبر خاندان سميت پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ضلعي چيئرمين حاجي خان مهر 2013 ع کان اسان جي 2 ايڪڙ قبولي زمين تي قبضو ڪري هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن. جنهن جو ڪيس هاء ڪورٽ سکر ۾ هلندڙ آهي پر ڪجھ ڏينهن پهرئين ضلعي چيئرمين ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء اسان جي گهرن تي فائرنگ ڪرائي، موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ته ڪيس تان هٿ کڻي وڃو نه ته برا نتيجا ڀوڳڻ لاء تيار ٿيو. اسان ايس ايس پي گهوٽڪي کي شڪايت ڪئي سين پر هو ضلعي چيئرمين جي ڪمداري ڪندي اسان کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء ڌمڪائي رهيو آهي. اسان مسڪين ماڻهو ميڊيا جي ذريعي چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، وزير اعلي سنڌ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي. هي بيان رڪارڊ تي رکيو وڃي ڪو به نقصان پهتو ته ذميوراي حاجي خان مهر ۽ سندس وانگارن قدرت الله مهر،امان الله مهر،شفيق مهر ۽ اياز مهر تي هوندي. انصاف نه مليو ته ايڊيشنل آئي جي سکر جي آفيس آڏو ڌرڻو هڻنداسين. هواڏانهن موقف لاءِ ضلعي چيئرمين سان رابطو ڪيو ويو پر سندس فون بند هئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو