حيدرآباد ۾ ڊائريا جي مريضن ۾ غير معمولي اضافو

حيدرآباد ۾ ڊائريا جي مريضن ۾ غير معمولي اضافو

حيدرآباد)بيورو)حيدرآباد ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ گرمي جي لهر شدت اختيار ڪرڻ کان پوءِ دستن جي مريضن ۾ اضافو ٿيو آهي.صحت کاتي جي ذريعن موجب حيدرآباد ڊويزن جي 9 ضلعن ۾ صرف 24 ڪلاڪن دوران 1900 کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته حيدرآباد مان رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جو انگ 800 کان وڌيڪ آهي ۽ 5 سالن کان وڌيڪ ٻارن جو انگ 1100 کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب ڊويزن ۾ ڊائريا جا سڀ کان وڌيڪ ڪيس حيدرآباد ۾ 509 کان وڌيڪ آهن جڏهن ته ٽنڊو محمد خان، ٺٽو ۽ دادو بالترتيب ٻئي، ٽئين ۽ چوٿين نمبر تي آهن. صحت کاتي شهرين کي اُبليل پاڻي پيئڻ ۽ بازاري کاڌو نه کائڻ جي هدايت ڪئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو